بُلو علم الدين

بُلو علم الدين

علم الدين بلو

علم الدين بُلو: مشهور ڪامورو علم الدين ولد استاد عمرالدين بُلو، پني عاقل تعلقي جي ڳوٺ ڪوٽ بُلا ۾ 1961ع ۾ ڄائو. ڳوٺ مان ابتدائي تعليم حاصل ڪري ڪجهه عرصو ڀيلار ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهيو. مئٽرڪ ۽ انٽرميڊيئٽ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان ڪيائين. جنهن بعد ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين. ميڊيڪل پڙهڻ دوران ئي هن سي.ايس.ايس جو امتحان پاس ڪري مئنيجمينٽ گروپ حاصل ڪيو. مختلف ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊي. سي. او ٿي رهيو. تعليم ۽ ثقافت کاتي سميت مختلف کاتن ۾ سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ڪجهه عرصو مظفر آباد ۾ ڪشمير جو چيف سيڪريٽري پڻ رهيو. هن وقت اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪمپنيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل آهي.


لفظ علم الدين بلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو